خيرپور واقعي جي جاچ لاءِ ٻھ اعليٰ سطحي ڪميٽيون قائم، پوليس طرفان ڊرون جي استعمال سوال اٿاري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

سنڌ جي  خيرپور ضلعي ۾ پوليس جي ڊرون حملي ۾ ٻن ماڻهن جي مارجڻ  کان پوءِ ٽن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ هن واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جون ٻه ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، پر هن واقعي ۾ ڊرون جي استعمال ڪيترن قانوني، اخلاقي ۽ ڊسيپلين بابت سوالن کي جنم ڏنو آهي.

ڇا پوليس جڏهن چاهي جتي چاهي اهي ڊرون استعمال ڪري سگهي ٿي؟

اچو ته ڏسون ته پوليس جي هٿن ۾ اهي ڊرون ڪيئن پهتا، انهن جي ضرورت ڇا ٻڌائي وئي ۽ هاڻي ان جو ڪيترو ناجائز استعمال ٿي رهيو آهي.

پهرين ڏسون ته خيرپور ۾ هي واقعو ڪيئن پيش آيو، ايس ايڇ او ڪنڌرا شوڪت آرائين پنهنجي بالا آفيسرن کي ٻڌايو آهي ته هو چار ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدار نادر ڌاريجو جو پيڇو ڪري رهيو هو، کيس خبر پئي ته هو سعيد خان لاکو ڳوٺ ۾ موجود آهي جيڪو خيرپور ضلعي جي پوليس جي حدن ۾ هو.

شوڪت آرائين  رات جو ٽي وڳي ان ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ۽ ڊرون به هلايو جنهن جي تصديق ايس ايس پي خيرپور سعود مگسي ڪري چڪو آهي، ان جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي ويا، مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ نادر ڌاريجو شامل نه هو ۽ نه ئي سندس ڪو مبينا ساٿي.

اهڙي طرح ڊرون ۾ بيگناهه ماڻهو مارجي ويا.

هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي پهريون واقعو آهي جنهن ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا ويا؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں