سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو، اهو صرف هڪ تڪرار جو فيصلو نه هو، پر انسانيت لاءِ وڏو سوال هو.
مان ڪجهه ڏينھن پھريان هڪ وڏي جرڳي ۾ ويٺو هئس، جتي لڳ ڀڳ 40 سال پراڻو تڪرار هلندڙ هو. هن تڪرار ۾ 106 انساني جانيون قتل ٿي ويون ڪيترائي قبيله شامل هئا جهڙوڪ شر کوش، سولنگي، ڌوندو، ڀٽو، سيلرا ۽ ٻيا.
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهيءَ فيصلي ۾ انصاف کان وڌيڪ لاقانونيت نظر آئي.
جيڪڏهن دشمني ٻن ماڻهن يا ٻن ڌرين جي وچ ۾ هجي، ته پوءِ ٻين بيگناهن کي ڇو سزا ڏني وڃي؟ ڇو ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي، معصوم ماڻهن کي ماريو وڃي؟ ڇو عورتن، ٻارن ۽ بيگناهن کي ماري انھن جو مال لٽيو وڃي؟
هي انصاف ناهي، هي سراسر ظلم آهي.
ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ماڻهن جا قتل ٿيا، پر ڊپ سبب ايف آءِ آر به داخل نه ٿي سگهي، ڇو ته ماڻهن کي پنهنجي ئي علائقي ۾ رهڻو آهي. جڏهن قانون خاموش رهي ۽ حڪومت ڪا ڪارروائي نه ڪري، ته پوءِ ظالم وڌيڪ مضبوط ٿي وڃي ٿو.
اڄ سياستدان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪڏهن خاموش تماشائي بڻجي وڃن، ته پوءِ عام ماڻهو ڪيڏانھن وڃي؟
مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڪيئن لاقانونيت پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي. اهڙي ڪيفيت شايد مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن نه ڏٺي هئي.
پر هن سڀني حالتن مان مون هڪ وڏو سبق سکيو: جڏهن انسان تعليم کان پري ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ هو انسانيت به وساري ويهي ٿو.
امن ئي واحد رستو آهي. امن سان خوشحالي اچي ٿي. امن سان تعليم وڌي ٿي. تعليم سان شعور اچي ٿو، ۽ شعور سان ظلم ختم ٿئي ٿو.
سنڌ جي ماڻهن کي اپيل آهي ته: قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪيو، تعليم کي ھٿي ڏيو، ۽ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪريو.
جيڪڏهن اسان اڄ به نه سڌرياسين، ته ايندڙ نسلون اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديون.