آمريڪي گلوڪار قتل ڪيس ۾ ڦاٿل: ننڍي ڄمار جي  ڇوڪري جي بي رحماڻي قتل جا انڪشاف، وڏ ي مقدار ۾ قابلِ اعتراض مواد هٿ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هڪ مشهور نوجوان گلوڪار ڊيويڊ انٿوني برڪ خلاف انتهائي سنجيده ۽ هولناڪ انڪشاف سامهون آيا آهن، جتي کيس ننڍي عمر جي ڇوڪري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد سندس ڊجيٽل اڪائونٽن مان وڏي مقدار ۾ قابلِ اعتراض مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

قتل جو سنگين الزام:

بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، گلوڪار تي 14 ورهين جي ڇوڪري سيلسٽي ريواس هرنينڊز جي قتل جو الزام آهي. پوليس موجب ڇوڪري جي لاش گلوڪار جي نالي تي رجسٽرڊ گاڏي مان هٿ آئي، جيڪا ٽڪرن ۾ ورهايل ۽ انتهائي خراب حالت ۾ هئي. طبي جاچ دوران لاش ۾ نشي آور دوائن جا نشان پڻ مليا آهن.

ڊجيٽل مواد جا ڇرڪائيندڙ تفصيل:

جاچ ڪندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته ملزم جي آئي ڪلاوڊ اڪائونٽ ۽ ٻين اليڪٽرانڪ ڊوائيسز مان 20 کان 30 ٽيرا بائٽ تائين ڊيٽا هٿ ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

هينئر تائين صرف هڪ ٽيرا بائٽ ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي عورتن ۽ ٻارن سان لاڳاپيل قابلِ اعتراض وڊيوز ۽ مواد شامل آهي.

عدالت ۾ ڪارروائي:

پراسڪيوٽرن موجب، ڊي اين اي، وڊيوز، تصويرون ۽ فرانزڪ رپورٽون گڏ ڪيون پيون وڃن. سڀ ثبوت ايندڙ ٻڌڻي تي دفاعي ٽيم حوالي ڪيا ويندا.

عدالت ملزم کي بنا ضمانت حراست ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عملدارن جو چوڻ آهي ته قتل ممڪن طور مالي فائدي يا ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو.

ملزم جو موقف:

گلوڪار الزامن کي رد ڪندي بيگناهي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سندس وڪيلن جو چوڻ آهي ته هو عدالت ۾ مڪمل دفاع پيش ڪندا.

هي ڪيس آمريڪا ۾ شوبز انڊسٽري سان جڙيل هڪ وڏي اسڪينڊل طور سامهون اچي رهيو آهي، جتي هڪ طرف قتل جهڙو سنگين الزام آهي ته ٻئي طرف ٻارن سان لاڳاپيل قابلِ اعتراض مواد جا انڪشاف سماج ۾ ڳڻتي پيدا ڪري رهيا آهن. عدالت ۾ ايندڙ ڪارروائي هن ڪيس جو رخ طئي ڪندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں