نوشهرو فيروز واقعو: ڇا مرتضيٰ جتوئي سياسي انتقام جو نشانو بڻجي رهيو آهي ؟

فہرستِ مضامین

تحرير: شڪيل سومرو

نوشهرو فيروز ۾ تازي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻي سياسي ۽ خانداني تڪرار کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب غلام حيدر مري پاران مرتضيٰ جتوئي جي دعوت ڪرڻ تي، پوليس جي موجودگي v۾ حد دخلين جو جواز ڄاڻائي سندس پيٽرول پمپ، دڪان ۽ ٻين ملڪيتن کي ڊاهي ڇڏيو ويو. هن واقعي کي مخالف ڌر سڌي ريت “انتقامي ڪارروائي” قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته انتظاميه ان کي قانوني قدم ٻڌائي رهي آهي.

هي واقعو دراصل زرداري ۽ جتوئي خاندان ۾  هڪ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار جو تازو باب آهي، جنهن ۾ خانداني رشتا، زمين جا معاملا، چونڊ سياست ۽ قبيلائي اثر سڀ گڏيل طور ڪم ڪري رهيا آهن.

خانداني رشتيداري: جهيڙي جي شروعات

ذريعن موجب، آصف علي زرداري ۽ جتوئي خاندان وچ ۾ تڪرار جي بنيادي شروعات سڱابندي يعني رشتيداري کان  ٿي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ به ٻنهي خاندانن ۾ سياسي رقابت شروع کان رهندي پئي آئي آهي . ٻڌايو وڃي ٿو ته صدر آصف زرداري  جي ڀيڻ جو پرڻو جتوئي خاندان ۾  تيمور خان جتوئي نالي نوجوان سان ٿيو هو.  تيمور خان جتوئي  مرتضيٰ جتوئي جو پڦي ۽ مامي جو پٽ آهي.

هي شادي ڪجهه عرصو هلڻ کانپوءِ ٽٽي وئي، جنهن کان پوءِ ٻنهي خاندانن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.

زمين جي ورهاست دوران تيمور جتوئي کي لڳ ڀڳ 2 هزار ايڪڙ زمين حصي جي ملي هڪ هزار ايڪڙ ڪچي ۽ هڪ هزار پڪي واري علائقي ۾.

مرتضيٰ جتوئي جو الزام آهي ته ان مان لڳ ڀڳ 800 ايڪڙ زمين تي “سرڪاري سرپرستي ۾ قبضا” ڪرايا ويا آهن ، جڏهن ته زرداري خاندان اهڙن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

چونڊ سياست ۽ ايف آءِ آرن جو سلسلو

تڪرار جو ٻيو وڏو رخ چونڊ سياست سان جڙيل آهي.

مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته:

1988ع جي چونڊن ۾ هو انهن چند ماڻهن مان هو، جيڪي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيا.

1990ع ۾ هن سڌي طرح آصف زرداري جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهي ۽ کٽي.

ان کان پوءِ سياسي ڇڪتاڻ وڌندي وئي.

چونڊن دوران  مگسي ذات جي هڪ ووٽر جي قتل واري واقعي ۾ مرتضيٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور جتوئي ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا داخل نه ٿي سگهي  .

2024 جي عام چونڊن دوران موري جي ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران زرداري ذات جو هڪ شخص گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيو جيڪو بعد ۾ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .ان قتل جي ايف آء آر مرتضي جتوئي ۽ سندس پٽ خلاف داخل ڪرائي وئي.

مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي  ته:

2024ع جي چونڊن دوران هڪ زخمي ووٽر کي بعد ۾ قتل ڪري سندس ۽ سندس پٽ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائي زرداري خاندان سياسي انتقام پاڙيو آهي . مرتضي جتوئي جو چوڻ آهي ته پولنگ تي ٿيل جهڙي دوران مٿنفائرنگ ڪئي وئي

جڏهن ته سندس پٽ ان وقت گاڏي جي اندر ويٺل هو

ٻئي طرف زرداري ڌر جو موقف آهي ته فائرنگ جتوئي ڌر ڪئي، جنهن سبب جاني نقصان ٿيو. جهيڙو وڌڻ کانپوء

مرتضيٰ جتوئي خلاف موٽرسائيڪل ڦر، نقدي ڦر ۽ پلاٽ تي قبضي جا به ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا.

هو 12 ڏينهن نارا جيل ۾ به رهيو، بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو.

جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جو ردعمل

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ان سڄي معاملي کي “سياسي انتقام” قرار ڏنو آهي.

فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ۽ پيرپاڳاري جي پٽ سيد راشد شاه راشدي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪارروايون بند نه ڪيون ويون ته نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.

قبيلائي تڪرار ۽ هٿياربند جهيڙا:

مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته 2014ع ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ هڪ قبيلي کي استعمال ڪندي ڪي ٽي جتوئي تي حملو ڪرايو ويو، جنهن جو مقصد زمين تي قبضو ڪرڻ هو.

هي جهيڙو ٻه سال هليو ۽ ان دوران 22 جانيون ضايع ٿي ويون.

بعد ۾ جرڳو ٿيو ۽ معاملو ٺهيو، پر پوءِ “شاهاڻي–جتوئي تڪرار” ٻيهر اڀاريو ويو.

جتوئي قبيلو: تاريخ ۽ ڍانچو

جتوئي قبيلو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين پکڙيل آهي.

هن قبيلي جو هڪ منظم سماجي ڍانچو آهي:

2 وڏا چيف سردار

3 خان

8 مقدم

82 وڏيرا هن قبيلاي ڍانچي جو حصو آهن

قبيلائي اثر اڄ به سياسي فيصلي سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

جتوئي خاندان جو سياسي ڪردار نئون ناهي.

مرتضيٰ جتوئي جو ڏاڏو امام بخش خان جتوئي 1920ع، 1924ع ۽ 1928ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو

1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ به نمائندگي رهي

سندس والد غلام مصطفى جتوئي:

ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ وفاقي وزير ۽ سنڌ جو وڏو وزير رهيو

ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

بعد ۾ بينظير ڀٽو سان اختلاف بعد نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو

1988ع کان اڳ نگران وزيراعظم پڻ رهيو.88 جي عام چونڊن ۾ موري واري تڪ تان غلام  صطفي جتوئي پ پ اميدوار جي مقابلي ۾  اليڪشن هارائي ويو هو بعد ۾ پنجاب ۾ غلام مصطفي کر پاران خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي هڪ تڪ تان غلام مصطفي کر جي حمايت سان هو  قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو هو. غلام مصطفي جتوئي پرويز مشرف جي حڪومت خلاف هلندڙ سياسي جدوجگد ۾ شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ رهيو. هن

مرتضيٰ جتوئي هڪ دفعو ٻيهر بحال ڪيل  نيشنل پيپلز پارٽي جو سربراهه ۽ جي ڊي اي جو اڳواڻ آهي.

هن تڪرار دوران مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري ۽ مجتبيٰ جتوئي جي ڌيءَ نوين جتوئي پهريون ڀيرو سياسي ميدانتي ٻاهر نڪري پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ خاص طور زرداري خاندان خلاف سخت پريس ڪانفرنسون  ڪيون . نوين جتوئي  گهرو وزير ضياء لنجار تي پڻ سخت ۽ سنگين الزام لڳايا ۽ خبردار ڪيو تهجيڪڏھن سياسي انتقامي ڪاروايون بند نه ٿيون ته هو پاڻ ٻاهر روڊن رتن تي نڪري سياسي احتجاج جي اڳواڻي ڪندي . جڏھن ته متضي جتوئي جو ڀاء  مسرور جتوئي, عاقب جتوئي ۽ ٻيا عدالتي محاذتي سرگرم رهيا

مرتضيٰ جتوئي پنهنجي گهرواري نوين جتوئي بابت چيو ته “هو پنهنجي والد مجتبي جتوئي وانگر بهادر آهي.”

روايتن کان دشمني تائين: هڪ وڏو سوال

مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته:

اڳ سنڌ ۾ سياسي اختلاف هوندا هئا، پر ذاتي دشمنيون نه ٿينديون هيون.

اڄ سياست کي انتقام ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

هو دعويٰ ڪري ٿو ته سنڌ جي “97 سيڪڙو سردارن” زرداري جي پيروي ڪئي، پر هن انڪار ڪيو—۽ اها ئي سندس سزا بڻجي وئي آهي.

نوشهرو فيروز ۾ تازي ڪارروائي رڳو هڪ انتظامي قدم نه، پر هڪ گهڻ پاسائين تڪرار جو حصو آهي، جنهن ۾:

رشثتيداري جو ٽٽڻ

زمين جا معاملا

چونڊ سياست

قبيلائي اثر

۽ حڪومتي ادارن جو ڪردار

سڀ گڏجي هڪ وڏي سياسي بحران جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن.

هي تڪرار هاڻي رڳو ٻن خاندانن تائين محدود ناهي رهيو، پر سنڌ جي سياست، سماج ۽ روايتن بابت وڏا سوال اٿاري رهيو آهي—ته ڇا سياسي اختلافن کي ذاتي دشمنين ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو يا نه.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں