ڀارتي ھريانوي شوبز انڊسٽري جي اداڪارھ ۽ سوشل ميڊيا انفلوئينسر ديويانڪا سيروھي 30 ورھين جي ڄمار ۾ غازي آباد ۾ اوچتو لاڏاڻو ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا مطابق ديويانڪا سيروھي جي وارثن ٻڌايو آھي تھ سندن ڌيءَ جي طبيعت اوچتو خراب ٿي جنھن تي کيس فوري طور تي ويجھي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مردھ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آھي تھ اداڪارھ جي موت جو حتمي سبب اڃا سامھون نھ اچي سگھيو آھي.
ڀارتي ميڊيا مطابق ديويانڪا سيروھي پنھنجي ڪيريئر ۾ 50 کان وڌيڪ ھريانوي گانن ۾ ڪم ڪيو، خاص طور تي گلوڪار معصوم شرما سان سندس جوڙي کي ڪافي مقبوليت حاصل ٿي.
سوشل ميڊيا تي بھ اداڪارھ کي ڪافي مقبوليت حاصل ھئي جتي سندس 1.3 ملين کان وڌيڪ مداح ھئا.