رپورٽ: مبين ڪولاچي
گھوٽڪي جي رحموالي محلي ۾ ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ ڪيل فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان ضمير شيخ سخت زخمي ٿي پيو.
نوجوان کي فوري طور تي علاج لاءِ گھوٽڪي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان جي طبيعت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر نيو پئي ويو تھ ھن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
مارجي ويل نوجوان جي وارثن واقعي خلاف احتجاج ڪندي الزام ھنيو تھ بوزدارن سان دشمني ھئي، ملڪن بوزدارن سان گڏجي نوجوان کي ماريو آھي.
مارجي ويل نوجوان جي وارثن چيو تھ ملڪ برادري جا ڪجھھ نوجوان ڪتو مارڻ لاءِ ھٿيار کڻي آيا ۽ پاڙي وارن جي منع ڪرڻ باوجود ھنن فائرنگ ڪري پنھنجي گھر جي در تي بيٺل نوجوان ضمير شيخ کي گولي گولي ھڻي ماري ڇڏيو.
ان ڏس ۾ اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعي جي جاچ جاري آھي.