گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن لاءِ جاري چونڊ مهم جو وقت ختم ٿي ويو آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي 24 سيٽن لاءِ مجموعي طور 403 اميدوار مقابلي ۾ آهن، جڏهن ته ووٽنگ 7 جون تي ٿيندي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. مقامي پوليس ۽ جي بي اسڪائوٽس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.
7 جون تي مجموعي طور 9 لک 58 هزار 480 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. چونڊ ميدان ۾ 396 مرد ۽ 8 عورت اميدوار شامل آهن.
پيپلز پارٽي جا 23 اميدوار، مسلم ليگ (ن) جا 22، استحڪام پاڪستان پارٽي جا 15، پاڪستان مسلم ليگ جا 11 ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جا 9 اميدوار ميدان ۾ آهن.
ان کان علاوه ايم ڊبليو ايم جا 7، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جا 6،6 اميدوار چونڊ ڊوڙ ۾ شامل آهن، جڏهن ته 266 آزاد اميدوار پڻ اليڪشن وڙهي رهيا آهن.