ڪنهن تي تنقيد ڪري نه، پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ گهرون ٿا: نواز شريف

فہرستِ مضامین

گلگت: مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ منصوبا شروع ٿين ٿا پر مڪمل نٿا ٿين، اسان کان سواءِ ڪنهن به جماعت هتي ڪم نه ڪيو، هتي جي رستن جي حالت ڏسي تمام گهڻو ڏک ٿيو.

گلگت ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جڏهن مان وزيراعظم هئس ته ڪيترائي ڀيرا اسڪردو ۽ گلگت ويو هوس، جيڪو گلگت مان سڃاڻيندو هئس اهو هاڻي ڪٿي آهي؟ مان چاهيندو هئس ته گلگت ۾ تمام گهڻي ترقي ٿئي، پر هتي رستن تي کڏا ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.

هن سوال ڪيو ته منڊا کان گلگت تائين روڊ ٺهڻو هو، ڇو نه ٺهيو؟ ڇا ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته گلگت جو روڊ ڇو نه ٺهيو؟ مان ڪنهن به جماعت خلاف ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان، پر اهو ضرور پڇڻ چاهيان ٿو ته شين کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو.

هن چيو ته مان اهو نواز شريف آهيان جيڪو ڪنهن جي برائي يا تنقيد ڪري ووٽ نٿو گهري، اسان پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ گهرون ٿا. منهنجو دل روئي ٿو ته ماڻهن جي سهولتن لاءِ پئسا ڇو نه لڳايا ويا، اهو پئسو ڪيڏانھن ويو؟ هتي اسپتال اسان ٺاهي، هائيڊل پاور منصوبا اسان لڳايا، نگر جو منصوبو اسان مڪمل ڪيو، ٻڌايو ڪنهن ٻي پارٽي ڪو ڪم ڪيو آهي؟

هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ جيڪو اسان ٺاهي ويا هئاسين ان کي ڪنهن به وڏو نه ڪيو، هتي بوئنگ جهاز اچڻ گهرجن ها، مان شهباز شريف سان ڳالهائي ايئرپورٽ کي وڏو ڪرائيندس، هتي هفتي ۾ 3 اڏامون ٿين ٿيون جڏهن ته 30 هئڻ گهرجن. اسان 9 ڪلاڪن جي سفر کي 3 ڪلاڪن تائين آندو.

مسلم ليگ (ن) جي صدر چيو ته هتي منصوبا شروع ٿين ٿا پر مڪمل نٿا ٿين، هتي پاڻي ۽ سج موجود آهي، هتي توانائي جو مسئلو ئي نه هجڻ گهرجي، پر پوءِ به سياري ۽ اونهاري ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي. مون کي اها لوڊشيڊنگ قبول ناهي. ووٽ ملندو يا نه، الله ڄاڻي، پر اسان اوهان کي انهن سهولتن کان محروم نٿا ڪري سگهون.

هن چيو ته 2017 ۾ اين ايف سي لاءِ ڪميٽي ٺاهي هئي ۽ 2018 ۾ اسان کي هٽايو ويو، هتي جي حڪومت ڪيترين ئي شين کي نظرانداز ڪيو. ڪنهن به پارٽي هتي ڪو نئون منصوبو شروع نه ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته لواري ٽنل 70 سالن کان بند هئي، اسان اربين رپيا خرچ ڪري مڪمل ڪئي. مان چاهيان ٿو ته هتي ئي ماڻهن جو علاج ٿئي، ڪنهن کي اسلام آباد يا ٻين شهرن ۾ نه وڃڻو پوي. سياحت سان روزگار وڌندو، نوجوانن کي بنا وياج قرض، شاگردن کي اسڪالر شپ ۽ ليپ ٽاپ ملڻ گهرجن، ۽ عورتن لاءِ يونيورسٽي قائم ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ اسان پنهنجي دور ۾ 100 ارب رپيا زمين لاءِ ڏنا، پر ڊيم اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي. جيڪڏهن ڊيم ٺهي وڃي ها ته ان جو فائدو گلگت ۽ سڄي پاڪستان کي ٿئي ها.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں