ڪراچي ۾ ٽريفڪ سگنلز کي بين الاقوامي طرز تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب جو چوڻ آھي تھ ڪراچي جي شاھران تي اسمارٽ ٽريفڪ سگنلز نصب ڪيا ويندا، ميونسپل ڪمشنر اسمارٽ سگنلز جي خريداري جو مرحلو جلد شروع ڪن.
ھن چيو تھ پھرئين مرحلي ۾ ريڊ زون ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي ماڊل بڻايو ويندو جڏھن تھ ٻئي مرحلي ۾ ايم اي جناح روڊ ۽ پوءِ شھر جي مختلف اھم شاھراھن تي ڪم ٿيندو.
ڪراچي جي ميئر جو چوڻ آھي تھ شھر ۾ بنيادي انفرااسٽرڪچر سان گڏ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد ضروري آھي، ٽريفڪ کي موثر طريقي سان ريگيوليٽ ڪيو وڃي تھ اڌ مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا.