ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو ھڪ وڌيڪ ڪيس رپورٽ

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو ٻيو ڪيس رپورٽ ٿي ويو آهي.

سنڌ انفڪشن ڊيزيز اسپتال جي ايم ايس چيو آهي تہ اسپتال ۾ 22 سال جي نوجوان ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي.

هن ٻڌايو ته متاثر شخص بفر زون جو رھواسي آهي، رپورٽ ھاڪاري اچڻ بعد ان کي آئسوليٽ ڪيو ويو آھي.

ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو مشڪوڪ ڪيس به سامهون آيو آهي.

ايم ايس چيو ته متاثر شخص جي ڪا سفري هسٽري سامهون نه آئي آهي.

سنڌ انفڪشن ڊيزيز اسپتال جي ايم ايس موجب، ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو پهريون ڪيس مارچ ۾ رپورٽ ٿيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں