ڪراچي ۾ شديد گرمي کي نظر ۾ رکندي صحت جي ماھرن شھرين کي احتياطي تدبيرون ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آھي.
ان حوالي سان صحت جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ گرمي جي شدت وڌندي ئي مختلف انفيڪشنز جو خطرو وڌي ويندو آھي، شھري ٻاھر جي کاڌي کان پاسو ڪن.
صحت جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ھلڪا ڪپڙا پايو، ٻاھر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪيو ۽ پاڻي اوٻاري پيئو، وڌيڪ پگھار ۾ جسم کي صاف ۽ خشڪ رکو تھ جيئن الرجي کان بچي سگھجي.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ ٿڌي پاڻي سان منھن ڌوئڻ ۽ ھلڪو موئسچرائزر استعمال ڪرڻ جسم کي خشڪي ۽ ساڙ کان بچائي ٿو.
ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچڻ جو امڪان آھي.
ڪراچي ۾ رات جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ ڪراچي ۾ ڏکڻ اولھھ کان ھلندڙ ھوائن جي رفتار 19 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آھي، جنھن ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آھي.