ڪراچي جي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا امتحاني پرچا وقت کان اڳ آئوٽ ٿيڻ وارو سلسلو جاري آھي ۽ نائين ڪلاس جو انگلشن جو پرچو امتحان کان اڌ ڪلاڪ اڳ آئوٽ ٿي ويو.
سيڪنڊري ميٽرڪ بورڊ تحت نائين ۽ ڏھين جا امتحان جاري آھن پر امتحانن جي حوالي سان ميٽرڪ بورڊ انتظاميھ جي دعويٰ رڳو دعويٰ ئي رھي.
ذريعن موجب نائين نائين جماعت جو انگريزي جو پرچو امتحان کان اڌ ڪلاڪ اڳ ئي جوابن سميت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.
واضح رھي تھ ان کان اڳ نائين ڪلاس جو مارننگ شفٽ ۾ ٿيندڙ ڪمپيوٽر اسٽيڊيز ۽ ڏھين جماعت جو حياتيات جو پرچو بھ آئوٽ ٿي ويو ھو.