ڪتاب انسان جو بھترين دوست، ھر دور ۾ رھنمائي ڪندو آھي: صدر، وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تھ ڪتاب انسان جو بھترين دوست آھي، ھر دور ۾ رھنمائي ڪندو آھي، پاڪستان ۾ مطالعي جي ڪلچر کي ھٿي ڏيڻ قومي ترقي لاءِ ضروري آھي.

ڪتاب جي عالمي ڏينھن تي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ ڪتاب علم ۽ آگاھي جو بھترين ذريعو آھن، مطالعو ئي ترقي جي بنياد آھي، عالمي يوم ڪتاب اسان کي علم، شعور ۽ فڪري بيداري جي اھميت ياد ڏياري ٿو.

صدر مملڪت چيو تھ مصنوعي ذھانت جي دور ۾ بھ ڪتابن جي اھميت گھٽ نھ پر پھريان کان وڌيڪ ٿي چڪي آھي، نئين نسل ۾ مطالعي جي عادت کي ھٿي ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، ڪتاب انسان جو بھترين دوست آھي جيڪو ھر دور ۾ رھنمائي فراھم ڪري ٿو.

ھن چيو تھ معاشرتي مسئلن جي حل لاءِ ڪتابن جو مطالعو اڻٽر آھي، گھرائي سان پڙھڻ ۽ سوچيندڙ ماڻھو ئي مستقبل ۾ نمايان ٿيندا، ڪتاب پاڻ آگاھي، ڪردار سازي ۽ مثبت سوچ کي ھٿي ڏين ٿا.

عالمي يوم ڪتاب تي وزيراعظم شھباز شريف چيو تھ اڄ يونيسڪو طرفان مختص ڪيل عالمي يوم ڪتاب تي مان پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي پڙھندڙن، مصنفين، اديب، پبلشرز، استاد ۽ شاگردن کي سندن ڪتابن سان لڳاءُ ۽ مطالعي سان ويجھڙائپ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

وزيراعظم چيو تھ اڄ خاص طور تي پاڪستان جي اديبن ۽ استادن جي قومي فڪري ارتقاءَ ۾ تعميري ڪردار ۽ انھن جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، ڪتاب صدين کان علم، دانائي ۽ رھنمائي جو ھڪ لازوال ذريعو رھيا آھن. ڪتابن جي دائمي اھميت ۽ مطالعي جي انقلابي قوت جو تصور يقينن باشعور ذھن جو عڪاس آھي.

ھن چيو تھ ڪتاب نئين سوچ، مختلف نقطھءِ نظر ۽ ثقافتن کان متعارف ڪرائين ٿا ۽ سمجھھ ۾ واڌ ڏين ٿا، ڪتاب باشعور ذھن جي تشڪيل، تنقيدي سوچ کي ھٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ھمدردي، امن ۽ برداشت جھڙين خاصيتن جي واڌاري جو بھ ذريعو آھن، اھي ئي مثبت خاصيتون ھڪ پرامن ۽ ترقي يافتھ معاشري جي بنياد کي مضبوط ڪن ٿيون.

ھن وڌيڪ چيو تھ اڄ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ترقي جي دور ۾ ڊجيٽل ذريعن سان معلومات تائين رسائي ۾ آساني سان ڪتاب ۽ مطالعي جي اھميت اڃا بھ اجاڳر ٿي وئي آھي. مطالعي جي عادت فڪري ترقي، تخليقي صلاحيت ۽ باخبر شھري ٺھڻ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي.

وزيراعظم چيو تھ پاڪستان جي شاندار ادبي روايتن، علمي ورثي، علم ۽ دانش، قومي ترقي جا بنيادي ٿنڀ آھن. ڪلاسيڪي علوم کان وٺي جديد ادب تائين، اسان جي اديبن ۽ دانشورن خدمتون سرانجام ڏنيون آھن جيڪي اڄ بھ نئين نسل لاءِ مشعل راھ آھن.

ھن چيو تھ نوجوان نسل ۾ مطالعي جي رجحان کي ھٿي ڏيڻ ۽ معياري ڪتابن تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ نھايت ضروري آھي تھ جيئن انھن جي باشعور ۽ ذميوار شھري طور تربيت ڪري سگھجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں