دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)
ڀارت جي سپريم ڪورٽ هڪ اهم فيصلي ۾ زال جي خودڪشي واري ڪيس ۾ مڙس کي بري ڪندي قرار ڏنو آهي ته مڙس ۽ زال وچ ۾ اختلاف، ناراضگيون ۽ ڪجهه ڏينهن تائين ڳالهه ٻولهه بند رهڻ شادي شده زندگي جو حصو ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري صرف ان بنياد تي ڪنهن شخص کي ظلم يا هراساني جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي.
ڀارتي ميڊيا موجب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته رڳو 13 ڏينهن تائين زال سان ڳالهه نه ڪرڻ کي، بنا مضبوط ۽ واضح ثبوتن جي، اهڙو ظلم نٿو سمجهي سگهجي جيڪو ڪنهن عورت کي خودڪشي تي مجبور ڪري ڇڏي.
هي ڪيس هڪ اهڙي عورت سان لاڳاپيل هو، جنهن پنهنجي والدين جي گهر ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ورتي هئي. واقعي کان پوءِ عورت جي مڙس ۽ سسرال وارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. استغاثه جو موقف هو ته عورت کي اضافي ڏاج (جهز) جي مطالبن، ذهني دٻاءُ ۽ هراساني کي منهن ڏيڻو پوندو هو، جڏهن ته مڙس به ساڻس فون تي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو.
هيٺين عدالت مڙس کي قصوروار قرار ڏيندي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، پر بعد ۾ معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهتو.
سپريم ڪورٽ ڪيس جو جائزو وٺندي چيو ته ڪنهن شخص کي خودڪشي تي اڪساڻ يا ظلم جي الزام هيٺ سزا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته واضح طور ثابت ٿئي ته سندس رويو ايترو سنگين، مسلسل ۽ اذيت ڏيندڙ هو، جنهن سبب متاثر عورت وٽ خودڪشي کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هجي.
عدالت چيو ته پيش ڪيل شاهدين ۽ ثبوتن مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته مڙس جو رويو اهڙي درجي جو هو، جيڪو عورت جي ذهني صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ هجي يا کيس خودڪشي تي مجبور ڪري سگهي.
سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته هر ازدواجي تڪرار کي قانوني طور ظلم يا هراساني قرار نٿو ڏئي سگهجي. شادي شده زندگي ۾ اختلاف، ناراضگيون ۽ عارضي طور رابطو ختم ٿيڻ جهڙيون ڳالهيون عام هونديون آهن، جيستائين انهن سان گڏ واضح تشدد، مستقل ذهني اذيت يا غيرمعمولي دٻاءُ جا ثبوت موجود نه هجن.
عدالت استغاثه جي دليلن کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته الزام ”معقول شڪ کان بالاتر“ ثابت نه ٿي سگهيا آهن، تنهن ڪري فوجداري قانون تحت سزا برقرار نٿي رکي سگهجي.
ان بنياد تي سپريم ڪورٽ مڙس خلاف ٽي سال قيد جي سزا ختم ڪندي کيس مڪمل طور بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
قانوني ماهرن موجب هي فيصلو ڀارت ۾ ازدواجي تڪرارن ۽ خودڪشي سان لاڳاپيل ڪيسن لاءِ هڪ اهم قانوني نظير طور ڏٺو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته عدالت واضح ڪيو آهي ته خودڪشي جي هر واقعي ۾ مڙس يا خاندان کي خودڪار طور ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، پر الزام ثابت ڪرڻ لاءِ مضبوط ۽ ناقابل ترديد ثبوت ضروري آهن.