ذوالفقار قادري
اهو جنرل يحيٰ خان جي سال 1970ع جو مارشل لا دور هو جڏھن سنڌ ۾ پهريون دفعو چئن سنڌي نياڻين کي ون يونٽ خلاف ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرڻ جي مطالبي تي حيدرآباد ۾ بک هڙتال شروع ڪرڻ تي کين گرفتار ڪري ملٽري ڪورٽ پاران سزا ڏئي جيلن ڏانهن روانو ڪيو ويو هن ملڪ کي سندس قيام کان وٺي سدائين ڏنڊي ٖ ڌونس ڌانڌلي ٖ جڳاڙ ٖ نظريہ ضرورت ۽ هڪ هٽي جي سوچ تحت هلايو ويو آھي ٖ پاڪستان جيڪو مختلف قومن جي باهمي ۽ برابري جي بنياد تي گڏجي هلڻ واري فارمولا تحت وجود ۾ آيو هو ٖ پر پو۽ هن ملڪ جي اشرافيہ کي صوبن کي نالي ماتر مليل آزادي بہ ڀانء نہ پئي آخر 22 نومبر 1954ع تي وزيراعظم محمد علي بوگرا صوبن کي ختم ڪري انتظامي طور ملڪ کي هلائڻ لا۽ ون يونٽ جو اعلان ڪيو جيڪو 5 آڪٽوبر 1955ع تي گورنر جنرل اسڪندر مرزا باضابطہ طور نافذ ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسمبلي جي چند ميمبرن کان سوا۽ اڪثر ميمبرن اهڙي سنڌ دشمن فيصلي کي قبول ڪندي ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪري ڇڏي ون يونٽ مڙھڻ واري قدم ملڪ جي اخوت ۽ ڀائيچاري واري فضا کي شديد متاثر ڪيو خاص طور ننڍن صوبن ان فيصلي کي پنهنجن حقن جي تلفي ۽ صلبي سمجهيو ٖ سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف نفرت تہ هئي پر ڪا سگهاري تحريڪ نہ هلي سگهي ھئي.
4 مارچ 1967ع وارو سنڌي شاگردن جو احتجاج بظاهر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي بحالي ۽ ڪمشنر حيدرآباد مسرور احسن کي هٽائڻ واسطي هو پر ان واقعي دوران ٿيل پوليس تشدد ۽ گرفتارين سموري سنڌ کي ڀڙڪائي ڇڏيو ٖ ان وقت حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان هلندڙ ان جدوجهد جي اڳواڻي يوسف لغاري ٖ ڄام ساقي ٖ يوسف ٽالپر ٖ مسعود نوراني اعجاز قريشي ٖ شڪور داؤد پوٽو ٖ مير ٿيٻو ٖ ڪامل راڄپر ٖ اقبال ترين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا هي تحريڪ ايتري تہ سگهاري ٿي اڀري جو سائين جي ايم سيد ٖمخدوم طالب المولئ ٖ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٖ رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ بہ هن تحريڪ جي حمايت ڪرڻ لڳا ذوالفقار علي ڀٽو بہ ڪجهہ عرصو اينٽي ون يونٽ ميٽنگس ۾ شرڪت ڪئي پر پو۽ ھو ان تحريڪ کان الڳ ٿي پنهنجي پارٽي جوڙي ٖ شاگردن ئي ان ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ کي سگهارو بڻايو ٖ اڳتي هلي 1970ع ڌاري جڏھن زمينن جي نيلامي بند ڪريو ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪريو تحريڪ جو آغاز ٿيو ۽ گرفتاريون پيش ڪرڻ جو فيصلو ٿيو تہ چئن سنڌي ڇوڪرين حيدرآباد ۾ پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي جن کي جنرل یحئ خان جی ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل حيدرآباد ٖ۽ ٻين مختلف جيلن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو جن ڇوڪرين گرفتاري ڏني ۽ کين سزا ملي انهن جو مختصر احوال هن ريت آھي

1 – اختر بلوچ : سنڌ جي نالي واري انقلابي ۽ لوڪ فنڪاره جيجي زرينہ بلوچ جي نياڻي هئي ٖ اختر بلوچ جڏھن گرفتاري پيش ڪئي ۽ يحئ خان جي ملٽري ڪورٽ کيس سزا ٻڌائي ان وقت سندس عمر فقط اڻويهہ ورهہ هئي ٖسنڌ جي سياسي تاريخ ۾ جيل جي زندگي تي ڪنهن عورت قيدياڻي جو پهريون مايہ ناز ڪتاب “ قيدياڻي جي ڊائري “ اختر بلوچ لکيو ٖ بعد ۾ 1972ع ۾ اختر بلوچ جي شادي رسول بخش پليجو صاحب جي ننڍي ڀاءٗ غلام قادر پليجو سان ٿي ٖ سينيٽر سسئي پليجو ٖ اختر بلوچ جي نياڻي آھي
2 – رياض ميمڻ : رياض ميمڻ کي ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل پشاور روانو ڪيو ٖ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد اڳتي هلي سندس شادي مسعود نوراني سان ٿي ٖ جيڪو پڻ سنڌ جي شاگرد جدوجهد جي تاريخ ۽ 4 مارچ واقعي جو هڪ وڏو نالو آھي ٖ مسعود نوراني سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل بہ رهي چڪو آھي ٖ رياض ميمڻ ۽ مسعود نوراني جي نياڻي جناب اياز لطيف پليجو جي شريڪ حيات آھي
3 – نسيم سنڌي : نسيم سنڌي جو اصل خانداني نالو نسيم ٻٻر هو هو جڏھن جنرل يحيئ خان جي مارشل لا حڪومت ۾ گرفتار ٿي جيل وئي تہ سندس عمر سورهن سال هئي ملٽري ڪورٽ کيس هڪ سال قيد جي سزا ڏني هو حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهي اڳتي هلي سندس شادي هڪ قومي ڪارڪن يوسف خاصخيلي سان شادي ٿي ادي نسيم ٻٻر نسيم سنڌي جي نالي سان ۽ سندس ور يوسف خاصخيلي پناه جگر خاصخيلي جي نالي سان شھرت ماڻي هو پهرين ھيرآباد حيدرآباد ۾ رهندي هئي شريڪ حيات پناه جگر خاصخيلي جي وفات بعد سندس طبيعت ناساز رهڻ لڳي پو۽ ھو اڪثر ڪراچي ۾ پنهنجي نياڻي ڪونج خاصخيلي وٽ رهندي هئي آخر 27 سيپٽمبر 2020ع تي هي نامياري قومي سياسي ڪارڪن نسيم سنڌي لاڏاڻو ڪري وئي
4 – چوٿون نالو هيو گرفتاري ڏيندڙ ڇوڪرين ۾ شميم بهراڻي جو ٖ کيس بہ ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل سکر روانو ڪيو انهن گرفتاري ڏيندڙ چئني ڇوڪرين مان جن جي ان وقت عمر سورهن سالن کان ٻاويهن سالن درميان هئي ڪنهن بہ ڇوڪري پنهنجي سزا جي خلاف ڪا بہ رحم جي اپيل نہ ڪئي ۽ سنڌ جي نياڻين جي بهادري واري تاريخ رقم ڪري جيلن مان نڪتيون
سنڌي نياڻين جي جيل وڃڻ کان پوء شاگردن اديبن جي وڏي انگ بک هڙتال ڪئي. اديبن وڏو تاريخي جلوس ڪڍيو. ھن تاريخي جدوجھد جنھن م سڀ سنڌي گڏ ھئا آخر ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو