سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آھي تہ منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي گرفتاري تي ادارن جي تعريف ڪرڻ گھرجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو تہ انمول عرف پنڪي جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي غفلت جو سخت نوٽيس ورتو ويو، منشيات جي خاتمي جي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ آھي تہ جن پوليس اھلڪارن عورت ملزمہ کي بغير ھٿڪڙي پيش ڪيو انھن کي معطل ڪيو ويو آھي، اسان بہ ان عورت کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان کي ڪاميابي نہ ملي سگھي.
ھن چيو تہ اسان منشيات جي خلاف جيڪا بہ مھم ھلائي ان کي اھميت ڏني، گھرو وزير نوٽيس وٺي انھن ٻنھي پوليس اھلڪارن کي معطل ڪيو، اسان جي ڪوتاھي کي اجاڳر ڪريو، اسان جوابدھ آھيون، پوليس سٺو ڪم ڪري رھي آھي.
ڪراچي ۾ ھلندڙ مھيني شاھراھ ڀٽو مڪمل طور تي کولڻ جو اعلان ڪندي شرجيل ميمڻ چيو تہ شاھراھ ڀٽو موٽر وي ايم نائن کي ڊائريڪٽ ڪنڪٽ ڪندو، شاھراھ ڀٽو تان ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿيندا، عوام کي سھولت ٿيندي.
ھن چيو تہ ڪراچي ۾ برجز، انڊر پاس ۽ روڊن جي تعمير جو ڪم ھلي رھيو آھي، حڪومت جي ڪوشش آھي تہ شھر جي ميگا پروجيڪٽس تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي، شھر جي پروجيڪٽس ۾ چيلينجز ھوندا آھن.
صوبائي وزير جو چوڻ آھي تہ ڪراچي پورٽ کان ھڪ روڊ ٺاھيو پيو وڃي جيڪو قيوم آباد تائين ايندو، وڏن پروجيڪٽس تي ماڻھن کي تڪليف ضرور آھي، ان تي معذرت ڪريان ٿو، ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي سبب مسئلا کي منھن ڏيڻو پيو.
شرجيل ميمڻ چيو تہ چيني ڪمپنيون ڪراچي ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ وڃي رھيون آھن، ڊي سيلينيشن پلانٽ سان ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو، اھو پلانٽ مھانگو ھوندو آھي پر ان کي آڻي رھيا آھيون.
ھن چيو تہ جانورن ۾ بيمارين جي علاج بابت بہ معاھدن تي صحيحون ٿيون آھن، چين جي دوري ۾ صدر آصف زرداري کي تمام وڏي ڪاميابي ملي آھي، پيئڻ جي صاف پاڻي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ بابت منصوبن تي ايم او يو سائن ڪيا.