ڪولمبو: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا دوري دوران ٽي ٽوئنٽي سيريز جي وينيو ۾ جزوي تبديلي ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز هاڻي همبنٽوٽا بدران دمبولا ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته سيريز جي تاريخن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچون 31 جولاءِ، 2 آگسٽ ۽ 4 آگسٽ تي دمبولا ۾ کيڏيون وينديون.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ون ڊي سيريز جو شيڊيول اڳئين ريت برقرار رهندو ۽ ان ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.