ٻٻرلوءِ کان ڪراچي تائين احتجاج جو اعلان، پريا ايڪشن ڪميٽي حڪومت کي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

سکر (رپورٽ: عامر جوڳي) ٻٻرلوءِ ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن فوري ۽ عملي قدم نه کنيا ويا ته اربع ڏينهن ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه، حيدرآباد، ڪراچي جي ٽن تلوارن ۽ ٻين اهم هنڌن تي روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو.

ٻٻرلوءِ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پريا ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهڻي پارس، لياقت جلباڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ پوليس کي مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وئي هئي، پر ان باوجود ڪا به نمايان اڳڀرائي سامهون ناهي آئي.

هنن الزام هنيو ته پريا ڪماري جي والد کي ڌمڪيون ڏئي احتجاج کان پري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مغوي ٻارڙن جي وارثن کي به مبينا طور حراسان ڪيو پيو وڃي. سندن چوڻ هو ته پوليس طرفان روزانو احتجاجي ڪئمپ تي اچي جاچ بابت آگاهي ڏيڻ جو واعدو پڻ پورو نه ڪيو ويو.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته خوشي مهر واري ڪيس ۾ اڃا تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي آهي ۽ رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پريا ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي سياسي، سماجي تنظيمن، قومپرست ڌرين ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو مغوي ٻارڙن جي بازيابي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏين.

ان موقعي تي چيئرمين سهڻي پارس جذباتي انداز ۾ چيو ته، “جيڪڏهن ڌرڻي دوران اسان فوت ٿي وڃون ته اسان کي ٻٻرلوءِ ۾ ئي دفنايو وڃي.”

پريا ايڪشن ڪميٽي شهرين ۽ مسافرن کي اڳواٽ آگاهه ڪندي چيو ته اربع ڏينهن مختلف شاهراهن تي روڊ بند ڪيا ويندا، تنهن ڪري مسافر پنهنجي سفر جو منصوبو اڳواٽ ترتيب ڏين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں