ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري سميت 25 مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو 25هين ڏينهن به جاري

فہرستِ مضامین

سکر(رپورٽ: عامر جوڳي) پريا ڪماري سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان گم ٿيل 25 مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻو 25هين ڏينهن به جاري رهيو. سخت گرمي باوجود مختلف علائقن مان آيل وارث پنهنجي ٻارڙن جي واپسي جي اميد ۾ احتجاج جاري رکيو.

ڌرڻي ۾ ويٺل مغوي ٻارڙن جون امڙيون اکين ۾ ڳوڙها ڀري تپيل ڌرتيءَ تي ويهي پنهنجي ٻچڙن جي بازيابي لاءِ دانهون ڪنديون رهيون.

وارثن ڊبليو ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سخت گرمي، تڪليفن ۽ ڏکيائين باوجود هو پنهنجي ٻارن جي واپسي تائين ڌرڻو ختم نه ڪندا.

مغوي ريما چانڊيو جي ڀيڻ انم چانڊيو چيو ته هو عزتدار خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ روڊن تي ويهڻ سندن روايت ناهي، پر حڪومت جي بيحسي کين احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

ريما چانڊيو جي والده ياما چانڊيو چيو ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان سخت گرمي ۾ ويٺل آهن ۽ هر گهڙي پنهنجي نياڻي جي واپسي جا منتظر آهن.

مغوي ماجد لاشاري جي والده قلبانو لاشاري الزام هنيو ته سندس پٽ کي داخلا وٺرائڻ جي بهاني سان اغوا ڪيو ويو، پر پوليس اڃا تائين ڪا به مؤثر ڪارروائي نه ڪئي آهي.

ٽن ورهين جي مغوي سونيا جي والده نور جهان چيو ته سندس نياڻي درگاهه تان اغوا ٿي هئي، پر ٽن مهينن کان پوءِ به سندس بازيابي نه ٿي سگهي آهي.

مغوي ٻارڙي آصفا مغل جي ڀاءُ جنيد مغل چيو ته سندس ڀيڻ اسڪول وئي هئي، جتان مبينا طور بااثر جوابدار کيس اغوا ڪري ويا. هن چيو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي.

علي اصغر منڱريو جي والد زاهد منڱريو چيو ته سندس پٽ 11 سال اڳ سکر مان اغوا ٿيو هو. هن الزام هنيو ته جوابدار بااثر آهن، ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن، پر اڄ تائين سندس پٽ جي بازيابي نه ٿي سگهي آهي.

ڌرڻي ۾ شامل وارثن چيو ته هو خالي جهوليون کڻي آيا آهن، پر پنهنجي ٻارڙن کانسواءِ واپس نه ويندا، ڀلي ان لاءِ وڌيڪ تڪليفون ڇو نه برداشت ڪرڻيون پون.

هوڏانهن پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس چيو ته پريا ڪماري جي اغوا کان پوءِ پنج سال اڳ پريا ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي. هن ٻڌايو ته ٽن سالن تائين ڪراچي ۾ مسلسل احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل نائين محرم تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو شروع ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته شروعات ۾ چار مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ احتجاج شروع ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان وڌيڪ مغوي ٻارڙن جا وارث به ڌرڻي ۾ شامل ٿيندا ويا.

سهڻي پارس چيو ته هن وقت 25 مغوي ٻارڙن جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ انهن جا وارث ٻٻرلوءِ ۾ انصاف ۽ پنهنجي پيارن جي بازيابي جي اميد ۾ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں