ياسر نواز کان شروع ۾ ڊپ لڳندو ھو: ندا ياسر جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي مارننگ شو جي ھوسٽ ندا ياسر پنھنجي مڙس ياسر نواز جي حوالي سان دلچسپ انڪشاف ڪندي چيو آھي تہ شادي جي آغاز ۾ ھن کان خوفزدھ رھندي ھئي.

ھڪ انٽرويو ۾ ندا ياسر ٻڌايو تہ جڏھن ياسر نواز مونکي شادي جي پيشڪش ڪئي تہ مان گھڻو پرجوش نہ ھئس، ڇو تہ ياسر مون کان 7 سال وڏو ھو ۽ ان وقت سندس ڏاڙھي ۽ شخصيت سبب عمر ڪافي وڌيڪ محسوس ٿيندي ھئي.

ندا ياسر چيو تہ شروع ۾ ياسر نواز سان ڊڄندي ھئس ۽ سندس شخصيت مون کي تمام سخت لڳندي ھئي.

اداڪارھ ۽ ميزبان پنھنجي شادي شدھ زندگي بابت ڳالھائيندي ٻڌايو تہ منھنجي والد وچ ۾ تمام متوازن ۽ برابري تي ٻڌل رشتو ھو، منھنجي والدھ کي ڪڏھن ڪنھن ڪم جي لاءِ والد کان اجازت وٺڻ جي ضرورت پيش نہ ايندي ھئي، پر منھنجي پنھنجي شادي ان کان مختلف رھي.

ندا ياسر مطابق مونکي اڪثر ھر معاملي ۾ ياسر کان اجازت وٺڻي پوندي ھئي ۽ شايد اھو طرز عمل ياسر نواز پنھنجي گھر جي ماحول مان سکيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں