وفاقي بجيٽ 5 جون تي پيش نه ٿيندي، نئين تاريخ جو تعين نه ٿي سگهيو

فہرستِ مضامین

وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي نئين تاريخ جو تعين نه ٿي سگهيو آهي.

ذريعن موجب وفاقي بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪئي ويندي، امڪان آهي ته وفاقي بجيٽ 8 يا 12 جون تي پيش ڪئي وڃي.

قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو به امڪان آهي.

ٻئي پاسي قومي اقتصادي ڪائونسل جو 3 جون تي ٿيڻ وارو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں