پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان کي اڄ ئي باني پي ٽي آءِ تائين رسائي ڏني وڃي۔
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام ايندو، هي ملڪ اسان جو آهي ۽ اسان هن ملڪ جا آهيون، اسان جا ميمبر نااهل ڪيا ويا، اسان ڪنھن سان شڪايت ڪيون؟
پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته آڪٽوبر کانپوءِ ملڪ جي مقبول ترين اڳواڻ سان ملاقات نہ ٿي رهي آھي، اوهان جواب ڏيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڇو نٿي ٿي سگهي؟ هن چيو ته اڳ به وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي هئي پر وزيراعظم چيو ته پڇي ٻڌائيندس، جيڪڏهن ڪو جواب آيو آهي ته اسان کي به ٻڌايو وڃي۔
پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته هن بجيٽ ۾ غريب لاءِ ڪجهه به ناهي، “ٻلي ٿيلهِي مان ٻاهر اچي وئي آهي”، نه لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي، نه بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي ۽ نه ئي ٻين شين جون قيمتون گهٽ ٿينديون۔
چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته حڪومت جي غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مڪمل انتظامي سڌارن جي ضرورت آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪالهه صحيح چيو ته مسلم ليگ (ن) جون صرف 3 سيٽون آهن، ۽ اهي به اهڙي طريقي سان کٽيون ويون آهن جهڙي طرح ڪراچي ۾ ميئر شپ جو اليڪشن ٿيو هو۔