پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارھ رمشا خان پنھنجي سوشل اڪائونٽ تان تمام پوسٽون ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آھن جنھن جو سبب بہ سامھون اچي ويو آھي.
رمشا خان اداڪار خوشحال خان سان شادي ڪئي آھي جنھن جي تصديق ھن انسٽاگرام اسٽوري تي معنيٰ خيز لفظن ۾ ڪئي ھئي.
ميڊيا رپورٽس موجب تازو ئي ٻنھي اداڪارن جو ھڪ خانگي تقريب ۾ نڪاح ٿيو آھي جنھن جي تصوير بہ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي.
جڏھن تہ اسٽوري ۾ اداڪارھ پنھنجي وائرل تصوير تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي تصوير ڊيليٽ ڪرڻ جو چيو ھو، اداڪارھ جي انسٽاگرام تي 3.5 ملينز فاوورز آھن.