ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين غلام حسين نائين ۽ ڏھين جي امتحانن دوران امتحاني مرڪزن لاءِ ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين طرفان جاري ڪيل ھدايت ۾ چيو ويو آھي تھ شاگردن جي امتحاني مرڪزن مان نقل جا ڪابھ شڪايت نھ ملي رھي آھي تنھن ڪري ڪنھن بھ امتحاني مرڪز تي شاگردياڻين کان برقعو نھ لھرايو وڃي. ھن چيو تھ ڪنھن بھ امتحاني مرڪز تي شاگردياڻين کي برقعو لھرائڻ جي شڪايت تي سخت ايڪشن ورتو ويندو. ھن چيو تھ شاگردياڻين جي امتحاني مرڪز تي مرد نگران مقرر نھ ڪيا وڃن.