ميرپورخاص ۾ بليڪ ميلنگ ۽ ذھني ٽارچر سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
يونيورسٽي جي پرنسيپل، سندس گھر واري، فارماسسٽ عابد لغاري ۽ ٻن شاگردن مٿان شاگردياڻي جي مامي افتخار جي فرياد تي سيٽ لائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تہ سندس ڀاڻيجي ابن سينا يونيورسٽي ۾ پڙھندي ھئي ۽ ھوءَ پوزيشن ھولڊ ھئي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو تہ فھميدہ شڪايت ڪندي ھئي تہ ڊاڪٽر عابد لغاري، شاگرد عبداللھ پٽ نامعلوم، شاگرد عبدالرحمان پٽ نامعلوم ساڻن جنسي لاڳاپن ۽ مارڪون وٺي ڏيڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندا ھئا.
ايف آءِ آر جي متن موجب فھميدھ اھڙي شڪايت ساڻس، توڙي فھميدا جي ڀيڻن مھڪ، فاطما ۽ والد انتظار حسين سان ڪندي ھئي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو تہ ھنن اھڙي شڪايت پرنسيپل ۽ سندس گھر واري پروفيسر فرزانا سان ڪئي پر انھن سندن شڪايت اڻ ٻڌي ڪري، حراسان ڪندڙ استاد عابد لغاري ۽ ٻن شاگردن جي حمايت ڪئي.
ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ڄاڻايل جوابدار فھميدا کي بليڪ ميل ڪندا ھئا ۽ چوندا ھئا تہ شڪايت واپس وٺ، ٻي صور ت۾ تنھنجي داخلا رد ڪنداسين ۽ تون ڪٿي ھلي نہ سگھندينءَ ۽ مري جان ڇڏائيندينءَ.
ايف آءَ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو تہ فھميدھ پنھنجي گھر وارن سان اھا پڻ شڪايت ڪئي ھئي تہ کيس ڄاڻايل جوابدارن تمام گھڻو پريشان ڪيو آھي ۽ سندس شڪايت تي پرنسيپل تنوير عالم ۽ سندس گھر واري ميڊيم فرزانا نٿا ٻڌن.
ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تہ صبح جي وقت جڏھن فھميدا کي يونيورسٽي لاءِ اٿاريو ويو تہ وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو تہ ھاڻ منھنجو ڪيس توھان قانوني طور وڙھجو ۽ بعد ۾ ھن ڪمري ۾ فائر ڪري پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو.
ايف آءِ آر موجب جوابدار جنسي لاڳاپن ۽ مارڪون وٺي ڏيڻ لاءِ فھميدا کي بليڪ ميل ڪيو، جنھن جو سبب مجبور ٿي ھن پنھنجو انت آندو….