ميرپورخاص: فھميدہ لغاري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور، وارثن جو ڌرڻو جاري

فہرستِ مضامین

ميرپورخاص جي عدالت ميڊيڪل شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميدہ لغاري جي مبينا آپگهات ڪيس ۾ نامزد 5 مان ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، ٻئي پاسي شاگردياڻي جي وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گذريل ڏينھن کان ٽول پلازہ وٽ ڌرڻو لڳل آھي.

ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت شاگردياڻي ڊاڪٽر فھميدہ لغاري ڪيس ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ظفر حسين تنوير ۽ سندس گهرواري پروفيسر فرزانا مجيد جي ھڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.

هوڏانهن ڪيس ۾ نامزد ٽن ٻين جوابدارن، عابد لغاري، عبدالله ۽ عبدالرحمان اڃا تائين فرار آهن، جڏھن تہ پوليس سندن گرفتاري ۾ ناڪام بڻيل آھي.

ٻئي پاسي شاگردياڻي جي وارثن عورتن سميت سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جو انصاف لاءِ حيدرآباد ٽول پلازہ تي گذريل ڏينھن کان ڌرڻو جاري آھي.

وارثن چتاءُ  ڏنو آھي تہ جيستائين سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم نہ ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رھندو۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں