مومنہ اقبال کي هراسان ڪرڻ جو معاملو: ايم پي اي ثاقب چڍڙ خلاف ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

لاهور: اداڪارا مومنہ کي هراسان ڪرڻ جي معاملي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ثاقب چڊھڙ خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي۔

ايم پي اي ثاقب چڍڙ خلاف ڪيس پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شڪايت ڪندڙ مطابق ثاقب چڍڙ ۽ سندس ساٿين بليڪ ميلنگ ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون۔

ايف آءِ آر موجب ملزم ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن شادي نه ڪئي وئي ته لاڳاپيل ڊيٽا ليڪ ڪري ڇڏيندا۔ مومنہ اقبال جي ڀيڻ ڌمڪين بابت وڊيو نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي فراهم ڪئي۔

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو ۽ موبائل کي ڊجيٽل ثبوت طور قبضي ۾ وٺي جانچ لاءِ موڪليو ويو آهي، جڏهن ته ثاقب چڍڙ جي نمبر مان ڌمڪي ڀريا پيغام موڪلڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔

ايف آءِ آر جي متن موجب ثاقب چڍڙ جي پهرين شادي جو پتو پوڻ تي مومنہ اقبال شادي کان انڪار ڪيو، انڪار تي ثاقب چڍڙ مبينا طور تي پرائيويٽ وڊيوز موڪلي کيس بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو۔ مومنہ اقبال جي موبائل مان به ثاقب چڍڙ طرفان موڪليل بليڪ ميلنگ وڊيوز مليا۔

ايف آءِ آر مطابق ثاقب چڍڙ 2023 ۾ ڪوڙا الزام لڳائي اداڪارا جو رشتو به ختم ڪرايو، جنهن کان پوءِ اداڪارا ۽ سندس موجوده مڙس کي به ڌمڪيون ڏنيون ويون۔

ايف آءِ آر موجب ملزم ثاقب چڍڙ، سندس زال ۽ ساٿين هراسان ۽ بليڪ ميلنگ ڪئي، جوابدارن غير قانوني طور نگراني ڪندا رهيا ۽ مومنہ اقبال سميت سندس خاندان کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا۔ اهو به ٻڌايو ويو ته صوبائي اسيمبلي جي رڪن موبائل اين سي سي آءِ اي کي جمع ڪرائڻ کان اڳ سمورو ڊيٽا ۽ ايپس ڊليٽ ڪري ڇڏيون۔

ياد رهي ته اداڪارا مومنہ اقبال ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ايم پي اي ثاقب چڍڙ خلاف نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں