ميزبان ۽ پروڊيوسر ندا ياسر پنهنجي 20 سالن جي ڪامياب ازدواجي زندگي جا راز ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ماءُ جي دانشمندانه سوچ سندس شادي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔
پنهنجي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي ندا ياسر چيو ته شادي جي شروعاتي سالن ۾ هوءَ ڪافي جذباتي هئي ۽ جلدي ردِعمل ڏيندي هئي۔ جڏهن به سندس مڙس ياسر نواز يا سسرال سان لاڳاپيل ڪو مسئلو پيش ايندو هو، ته هوءَ فوراً پنهنجي ماءُ وٽ وڃي روئڻ شروع ڪري ڏيندي هئي۔
ندا ياسر موجب سندس ماءُ تمام سمجھدار هئي، هوءَ سندس ڳالهيون خاموشي سان ٻڌندي هئي، پر ڪڏهن به سندس شڪايتن کي بنياد بڻائي مڙس خلاف راءِ قائم نه ڪندي هئي۔ هوءَ سمجهندي هئي ته ڪاوڙ ۾ انسان گهڻو ڪجهه چئي ڇڏيندو آهي، پر ڪجهه ڏينهن بعد مڙس زال ۾ صلح به ٿي ويندي آهي۔
هن چيو ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڌيءُ پنهنجي مڙس سان وري نارمل ٿي ويندي آهي، پر جيڪڏهن والدين دانائي نه ڏيکارين ته انهن جي دل ۾ ناٺي لاءِ منفي جذبات باقي رهي سگهن ٿا۔
ندا ياسر نوجوان ڇوڪرين کي صلاح ڏيندي چيو ته جڏهن به دل ڏکي يا ڪاوڙ اچي ته فوراً خاندان جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ بدران ڪنهن سمجھدار ۽ قابلِ اعتماد دوست سان ڳالهه ڪري وٺڻ گهرجي۔
هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان کي صرف دل جو بار هلڪو ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڪنهن سٺي دوست آڏو دل جي ڳالهه ڪرڻ سان ذهني سڪون ملي ٿو ۽ ڪيترائي مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا آهن۔