ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ به موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان
موسميات کاتي موجب ملڪ جا مختلف علائقا اڄ به سخت گرمي جي لهر جي اثر هيٺ رهندا، جڏهن ته گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي پد سبي ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ساڳي طرح دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 48 ڊگري، تربت ۽ موئن جو دڙو ۾ 47 ڊگري، سکر، نوابشاهه ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 46 ڊگري، ملتان ۽ بهاولپور ۾ 45 ڊگري، لاهور ۾ 43 ڊگري، پشاور ۾ 42 ڊگري، اسلام آباد ۽ مظفرآباد ۾ 40 ڊگري، جڏهن ته ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ 37 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. گلگت ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.
موسميات کاتي موجب سخت گرمي جي هي لهر 12 جون تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، ۽ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ به 12 جون تائين وچولي کان سخت گرمي پوندي.
ڪراچي بابت اڳڪٿي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 12 جون تائين شهر ۾ موسم انتهائي گرم رهندي ۽ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته اڄ شهر ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي۔