لائیو مرينا خان اڇا وار ڇو رکيا؟ اداڪارا دلچسپ سبب ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي:(شوبز نيوز) پاڪستان جي سينيئر ۽ ناليواري اداڪارا مرينا خان پهريون ڀيرو پنهنجي سفيد وارن بابت خاموشي ٽوڙيندي ان جي پويان موجود دلچسپ سبب بيان ڪيو آهي.

هڪ تازي انٽرويو دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هوءَ پنهنجا وار ڊائي ڇو نٿي ڪرائي، ته مرينا خان کلندي جواب ڏنو ته هوءَ طبيعت جي لحاظ کان ڪجهه سست آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو وار رنگائڻ کانپوءِ بار بار ٽچ اپ ڪرائڻو پوي ٿو، جيڪو هن لاءِ ڏکيو ڪم آهي، تنهنڪري هن فطري سفيد وارن کي قبول ڪرڻ بهتر سمجهيو.

اداڪارا ٻڌايو ته سندس هن فيصلي پويان سندس والده جو به وڏو ڪردار رهيو. هن هڪ يادگار واقعو بيان ڪندي چيو ته هڪ ڀيري هوءَ اسڪول جي تقريب ۾ پنهنجي ماءُ کي ڳولي رهي هئي. ڪيترين ئي عورتن جي وچ ۾ کيس هڪ عورت جا سفيد وار نظر آيا، پر هن سوچيو ته اها سندس ماءُ نه ٿي سگهي، تنهنڪري اڳتي هلي وئي. جڏهن واپس آئي ته خبر پيس ته اهي سفيد وار واري عورت واقعي سندس والده هئي.

مرينا خان چيو ته ان موقعي تي کيس احساس ٿيو ته سندس ماءُ جا وار ته ڪافي عرصي کان سفيد ٿي چڪا هئا، پر هن ڪڏهن ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو هو. ان کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن سندس ماءُ سفيد وارن سان به خوبصورت لڳي سگهي ٿي ته پوءِ هوءَ به پنهنجا فطري وار قبول ڪندي.

هن وڌيڪ واضح ڪيو ته هن مڪمل طور هيئر ڪلر ڇڏيل ناهي. وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا وار ضرور رنگايا آهن، پر باقاعدگي سان نه.

واضح رهي ته مرينا خان پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي تجربيڪار ۽ مقبول اداڪارائن مان هڪ آهي. هن پنهنجي ڊگهي فني سفر دوران ڪيترن ئي ڪامياب ٽي وي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪري مداحن کان وڏي مڃتا ماڻي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں