لائیو محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

فہرستِ مضامین

محرم الحرام 1448هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.

مذهبِي معاملن واري وزارت موجب اجلاس مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ بادشاهي مسجد لاهور ۾ منعقد ٿيندو.

ان کان علاوه سعودي عرب ۾ به اڄ شام چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيندو، جڏهن ته پھرين محرم الحرام تي غلافِ ڪعبه پڻ تبديل ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ماضي ۾ غلافِ ڪعبه ذوالحج مهيني دوران تبديل ڪيو ويندو هو، پر هاڻي اهو عمل پھرين محرم الحرام تي ڪيو ويندو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں