فوجي دستا فراهم ڪندڙ ملڪ عالمي امن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رھيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن (يو اين) جي امن فوجن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ خدمتون سرانجام ڏيندڙ مردن ۽ عورتن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.

هن چيو ته هي ڏينهن امن قائم ڪندڙن جي اهم خدمتن ۽ قربانين کي مڃڻ لاءِ مخصوص آهي. هن سال هن ڏينهن جو موضوع “امن ۾ سيڙپڪاري” رکيو ويو آهي، جيڪو دنيا ۾ انساني جانين جي تحفظ لاءِ سياسي عزم ۽ مالي سهائتا جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو.

وزيراعظم موجب 20 لک کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون گڏيل قومن جي 70 کان وڌيڪ امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ سڀ کان ڊگهي عرصي کان حصو وٺندڙ ملڪن مان هڪ آهي، ۽ فوجي دستا فراهم ڪندڙ ملڪ عالمي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رھيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته گڏيل طور تي امن کي هڪ گڏيل عالمي ترجيح بڻائڻ جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. 1960 کان وٺي پاڪستان 48 کان وڌيڪ يو اين امن مشنز ۾ 2 لک 35 هزار کان وڌيڪ اهلڪار موڪليا آهن، جن ۾ 500 کان وڌيڪ عورت امن اهلڪار به شامل آهن.

شهباز شريف چيو ته اهو قومي فخر جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان هن وقت گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پنجون وڏو حصو وٺندڙ ملڪ آهي. 4 هزار 400 کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن، جن مان 181 کان وڌيڪ پاڪستاني امن اهلڪار به شامل آهن. پاڪستان پنهنجي شهيدن ۽ بهادر پٽن ۽ ڌيئرن تي فخر ڪري ٿو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں