ڪراچي ۾ منشيات فروشي جي وڏي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل عرف “پنڪي” ڪيس ۾ پوليس کي اهم اڳڀرائي ملي آهي۔ گلستانِ جوهر واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل انمول عرف پنڪي جي مالي نظام ۽ آن لائين ادائيگين کي سنڀاليندڙ اهم جوابدار کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي۔
جاچ ڪندڙ اختيارين موجب گرفتار ٿيل شخص ذيشان نالي آهي، جيڪو پنڪي جي بئنڪ اڪائونٽن، آن لائين ٽرانزيڪشنن ۽ رقم جي منتقلي جو سڄو نظام هلائيندو هو۔ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار کان بئنڪ اڪائونٽن، موبائل والٽن ۽ مختلف ادائيگي واري ايپس بابت اهم تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن۔
تحقيقاتي ذريعن موجب منشيات خريد ڪندڙ گراهڪ آن لائين ايپس ذريعي ادائيگيون ڪندا هئا، جڏهنتہ اهي رقمون موبائل فرنچائز ۽ موبائل بيلنس جي ڪاروبار جي آڙ ۾ منتقل ڪيون وينديون هيون، جيئن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شڪ نه پوي۔
جاچ دوران اهو به سامهون آيو آهي ته رقم جي وصولي ۽ ادائيگي لاءِ “فيض ڪميونيڪيشن” نالي موبائل فرنچائز استعمال ڪئي ويندي هئي۔ پوليس هاڻي ان نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ مالي رڪارڊ، ٽرانزيڪشنن ۽ موبائل ڊيٽا جو جائزو وٺي رھي آهي۔
ذريعن موجب گڏيل جاچ ٽيم گرفتار ٿيل ذيشان کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي، جڏهنتہ انمول عرف پنڪي جي نيٽ ورڪ جا وڌيڪ راز به سامهون اچڻ جا امڪان آهن۔
ياد رھي ته ابتدائي جاچ دوران انمول عرف پنڪي بابت انڪشاف ٿيو هو ته هوءَ ڪراچي ۾ هر مهيني ڪروڙين رپين جي منشيات وڪرو ڪندي هئي۔ پوليس موجب هن نيٽ ورڪ ۾ خاندان جي ڪجهه ٻين ماڻهن جي ملوث هجڻ جا به ثبوت مليا آهن، جڏهنتہ ڪجهه پوليس اهلڪارن سان لاڳاپن جي به جاچ جاري آهي۔
هن ڪيس بعد ڪراچي ۾ آن لائين منشيات فروشي، ڊجيٽل ادائيگين جي استعمال ۽ سوشل ميڊيا ذريعي هلندڙ غيرقانوني نيٽ ورڪن بابت نوان سوال به اٿي رھيا آهن۔