عدالت 63 سالن جي شخص کي آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 22 سالن جي مستقبل جي راڻي کان پري رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

عدالت اربع ڏينهن هڪ 63 سالن جي شخص کي آسٽريليا جي يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ ناروي جي شهزادي انگرڊ اليگزينڊر يا سندس خاندان سان ٻن سالن تائين رابطو ڪرڻ کان منع ڪيو آهي.

ڊيوڊ جيمز ڪُڪ عدالت ۾ پيش ٿيو جتي کيس ٻن سالن جو (Apprehended Violence Order) جاري ڪيو ويو، جيڪو کيس سڊني يونيورسٽي ڪيمپس ۾ داخل ٿيڻ، 22 ورهين جي شهزادي بابت آن لائن ڳولا ڪرڻ، سندس يا سندس خاندان سان رابطو ڪرڻ جي جرم ۾ جاري ڪيو ويو. اھڙو حڪم ڪنھن بہ شخص کي ٻئي فرد خلاف تشدد، ڌمڪي يا هراسان ڪرڻ جهڙن عملن کان بچائڻ لاءِ جاري ڪيو ويندو آھي.

گليب جو رهواسي شخص سڊني جي نيوٽن ڪورٽ هائوس مان ٻاهر نڪرندي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن خلاف جاري ڪيل حڪم هڪ ڪارڊ موڪلڻ جي ڪاري جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو هن ناروي جي شهزادي انگريڊ اليگزينڊر ڏانهن موڪليو هو، جيڪا ناروي جي تخت جي ٻئي نمبر وارث آهي۔

ڊيوڊ جيمز ڪُڪ چيو تہ مون کيس صرف دوستي لاءِ ڪارڊ موڪليو هو، مون ڪڏهن به کيس ڪنهن به طرح پريشان نه ڪيو ۽ نه ئي ڪندس. هوءَ سٺي ڇوڪري آهي. مان هڪ تقريب ۾ هن سان مليو هئس ۽ پوءِ ڪارڊ موڪليو.

بعد ۾ ڪڪ تي هڪ نيوز فوٽوگرافر تي حملو ڪرڻ جو به الزام لڳايو ويو، جيڪو سندس عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ پيش آيو هو. پوليس بيان موجب فوٽوگرافر معمولي زخمي ٿيو۔

ڪُڪ کي پوليس حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي ۽ هو 17 جولاءِ تي هن حملي واري ڪيس ۾ ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيندو۔

شهزادي انگريڊ گذريل سال آسٽريليا اچي سڊني يونيورسٽي ڪيمپس ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، جتي هوءَ بين الاقوامي لاڳاپن (انٽرنيشنل رليشنز) ۾ ٽن سالن جي ڊگري ڪري رهي آهي۔

ميڊيا رپورٽن موجب هوءَ ناروي جي ڪرائون پرنس هاڪون ۽ ڪرائون پرنسس ميٽي-ماريٽ جي ڌيءَ آهي ۽ تازو ئي آسٽريليا مان ناروي وئي آهي، جتي هوءَ پنهنجي بيمار ماءُ سان ملاقات لاءِ وئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں