صدرِ مملڪت قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 5 جون تي طلب ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

صدرِ مملڪت آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 5 جون شام 5 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.

ان کان علاوه صدر آصف زرداري سينيٽ جو اجلاس به 5 جون شام 6 وڳي طلب ڪيو آهي.

تفصيلن موجب هلندڙ سال 60 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبر حج جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ويا آهن، جن جي جون مهيني جي پهرين هفتي جي شروعات ۾ وطن واپسي متوقع آهي۔

ان صورتحال جي ڪري حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا بجيٽ اجلاس سڏائڻ لاءِ تبديليون ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.

انتھائي بااعتماد ذريعن موجب حڪومت شروعات ۾ پهرين جون تي ٻنهي ايوانن (قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) جا الڳ الڳ اجلاس سڏائڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، پر هاڻي اهي 5 جون تي طلب ڪيا پيا وڃن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں