صحيفھ جبار جي ننڍڙن وارن ۽ بولڊ لباس تي سوشل ميڊيا صارفين جي تنقيد

فہرستِ مضامین

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ماڊل ۽ اداڪارھ صحيفھ جبار کي پنھنجي ننڍڙن وارن ۽ بولڊ لباس تي سوشل ميديا صارفين جي شديد تنقيد کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.

تازو ئي صحيفھ جبار لاھور ۾ ھڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي ھوءَ تمام مختلف انداز ۾ نظر آئي.

اداڪارھ تقريب ۾ نئين شارٽ پڪسي ھيئر ڪٽ سان تقريب ۾ پھتي جڏھن تھ سندس مغربي طرز جو لباس بھ ماڻھن جي ڌيان جو مرڪز رھيو، ھن سڇي رنگ جي شرٽ سان مني اسڪرٽ پاتي ھئي.

صحيفھ جبار جي ڪ پاڪستاني تقريب ۾ ايتري بيباڪ انداز ۾ شرڪت تي سوشل ميڊيا صارفين جو شديد رد عمل ڏسڻ ۾ آيو.

ھڪ صارف لکيو تھ تمام افسوس جي ڳالھھ آھي تھ انھن ماڻھن جي ڪا بھ حد ناھي ۽ نھ ئي انھن کي اھو سڀ ڪرڻ کان ڪو روڪي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں