شادي جي جعلي سرٽيفڪيٽ تي ڪراچي کان عمان وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت گرفتار

فہرستِ مضامین

شادي جي جعلي سرٽيفڪيٽ تي پرڏيھھ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي جي ترجمان مطابق ڪراچي کان عمان ويندڙ عورت مسافر کي اميگريشن ڪليئرنس دوران روڪيو ويو تھ سندس دستاويز شڪي لڳا.

ترجمان جو چوڻ آھي تھ رشتيدار ويزا تي سفر ڪندڙ عورت کان شادي بابت دستاويز طلب ڪيا ويا، دستاويزن ۽ عورت جي انٽرويو ۾ وڏو تضاد سامھون آيو.

ترجمان مطابق عورت جو ميرج سرٽيفڪيٽ جعلي ۽ ارينجڊ نڪتو، شادي جي جعلي سرٽيفڪيٽ، عمان آءِ ڊي ۽ ٻيا دستاويز تحويل ۾ ورتا ويا آھن.

مسافر جي موبائل فون سميت تمام رڪارڊ وڌيڪ جاچ جي لاءِ اي ايڇ ٽي سي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي.

ترجمان جو چوڻ آھي تھ پرڏيھھ سفر جي لاءِ جعلسازي ۽ ڌوڪو برداشت جوڳو ناھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں