سکر:  پئٽرول پمپ ملازم کان جوابدار لکين رپيا ڦر ڪري فرار

فہرستِ مضامین

سکر جي علائقي سٽي پوائنٽ تي پئٽرول پمپ جي ملازم ۽ سيڪيورٽي گارڊ کان مبينھ ڌاڙي جو واقعو پيش آيو آھي.

پوليس موجب مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ پئٽرول پمپ ملازم ۽ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعو ان وقت پيش آيو جڏھن ملازم ۽ سيڪيورٽي گارڊ رقم بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رھيا ھئا. جوابدار لکين رپيا ڦر ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں