لائیو سيلرا برادري جي سردار احمد خان سيلرو چڱا مڙس ميڙ ڪري تڏي تي اچڻ تي شھريار شر ڏنڊ جي رقم معاف ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڏهرڪي

اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر مٿان حملو ڪرڻ ۽ ان جا گارڊ زخمي ڪرڻ واري ڏوهه ۾ سيلرا برادري جو سردار احمد خان سيلرو چڱا مڙس ميڙ وٺي ٻيروٽا پهتو

سکر سرڪٽ هائوس ۾ اها فتوا ڏني ويئي هئي ته سيلرا برادري ميڙ ڪري شهريار شر وٽ ويندا .

شر سردار مٿان حملي جو ڏنڊ 25 لک ۽ زخمين جا 15 لک ۽ ٻن گاڏين جو نقصان اٽڪل 50 لک، مجموئي طور تي 90 لک ڏنڊ  رکيو ويو ھو.

سيلرا برادري جي سردار احمد خان پاران  سيد ۽ چڱا مڙس ميڙ وٺي اچڻ تي شهريار شر پاران ڏنڊ جي رقم معاف ڪري ڇڏي.

اسان جي برادري جي وڏي غلطي آھي جو سردار شهريار شر تي حملو ڪيو ويو، اسان اعتراف ڪريون ٿا اسان جي برادري غلط ڪيو آھي.

ميڙ منٿ قافلي ۾ سيد لعل شاهھ، ڄام فتاح، هزار خان مهر، راجو خان مهر، مولابخش ڌونڌو ۽ ٻيا شامل ھئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں