سوئيڊن پنھنجي تعليمي پاليسي ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آھي.
سوئيڊن اسڪولن ۾ ڊجيٽل لرننگ گھٽ ڪرڻ ۽ روايتي ڪتابن، ڪاپين ۽ قلم طرف واپسي جو فيصلو ڪيو آھي.
نئين پاليسي تحت “from screen to paper” مھم ھلائي پئي وڃي جڏھن تھ پري اسڪولز ۾ ڊجيٽل ڊوائيسز جو استعمال ختم ڪيو ويو آھي ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙن کي ٽيبلٽس نھ پيا ڏنا وڃن.
ٽيڪ ماھرن ۽ ڪجھھ استادن خبردار ڪيو آھي تھ ڊجيٽل مھارتن ۾ گھٽتائي مستقبل ۾ شاگردن جي روزگار ۽ معيشت تي منفي اثر وجھي سگھي ٿي.