سنڌ ۾ 7 ڏينهن واري وڏي اينٽي پوليو مهم جو آغاز  ھڪ ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پئيارڻ جو حدف مقرر

فہرستِ مضامین

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صوبي سطح تي پوليو خلاف وڏي مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت 13 اپريل کان 19 اپريل تائين 7 ڏينهن واري مهم هلائي پئي وڃي. مهم جو مقصد 5 سالن کان گهٽ عمر وارا ھڪ ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻار پوليو کان بچاءُ لاءِ ويڪسين ڏيڻ آهي.

افتتاحي تقريب گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول خيابانِ شجاعت ڊفينس ۾ ٿي، جتي وڏي وزير پاڻ ٻارن کي پوليو ڦڙا پياريا ۽ ڪلاس رومن جو دورو بہ ڪيو.

تقريب ۾ صوبائي وزير تعليم سردار شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ صحت کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

83 هزار ورڪر ۽ وڏي سيڪيورٽي ڊپلائيمينٽ

حڪومتي انگن اکرن موجب مهم دوران:

83,000 کان وڌيڪ فيلڊ ورڪر گهر گهر وڃي ٻارن کي ويڪسين ڏيندا

24,000 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن

2,400 کان وڌيڪ ليڊي پوليس اهلڪار پوليو ٽيمن جي حفاظت تي مقرر آهن

9.4 ملين ٻارن کي وٽامن A بہ ڏنو ويندو

وڏي وزير چيو تہ حڪومت جو عزم آهي تہ “ڪو بہ ٻار پوليو کان محروم نہ رھي”.

پوليو صورتحال تي ڳڻتي

وڏي وزير ٻڌايو تہ پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا آخري ملڪ آهن جتي پوليو اڃا موجود آھي. هن چيو تہ  2024 ۾ 74 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏھن تہ گذريل سال 31 ڪيس سامهون آيا. سنڌ ۾ 2025 دوران 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

هن وڌيڪ چيو تہ ماحولياتي سيمپلز ۾ وائرس جي موجودگي گهٽجي 24 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، جيڪا اڳڀرائي جو اشارو آهي.

سياسي ۽ سفارتي ڳالهه ٻولهه

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ملڪ جي قيادت، بشمول صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري بہ سفارتي ۽ ترقياتي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، خاص طور تي لياري جي ترقياتي منصوبي تي ڪم جاري آهي.

وڏي وزير والدين، ميڊيا، مذهبي عالمن ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي تہ پوليو مهم ۾ مڪمل سهڪار ڪن ۽ افواهن کي رد ڪن. هن چيو تہ پوليو ويڪسين محفوظ ۽ عالمي صحت اداري (WHO) پاران تصديق ٿيل آهي.

وڏي وزير زور ڏنو تہ پوليو جو خاتمو قومي ذميواري آهي ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فري ملڪ بڻائي سگهجي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں