سنڌ ۾ ھلندڙ ھينئر تائين ڊينگي جا 220 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.
سنڌ جي صحت کاتي مطابق پھرين جنوري کان 23 اپريل تائين ڪراچي ۾ ڊينگي جا ھينئر تائين 183 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آھن، ڊينگي سبب ھلندڙ سال ڪراچي ۾ ھڪ مريض وفات ڪري چڪو آھي.
ڪراچي جي اوڀر ضلعي مان ڊينگي جا 66، ڏکڻ مان 39، سينٽرل مان 38، ملير مان 19، ڪياماڙي مان 10، اولھھ مان 7 ۽ ڪورنگي مان 4 ڪيس سامھون آيا آھن.
صحت کاتي جو چوڻ آھي تھ حيدرآباد ڊويزن مان ڊينگي جا 25 ۽ ميرپور خاص ڊويزن مان 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.
ان کان علاوھ ھلندڙ سال سکر ڊويزن مان ھينئر تائين 3 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آھن.