موسميات کاتي سڄي سنڌ ۾ شديد گرمي جي لھر جي حوالي سان الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آھي تہ 25 مئي کان فضا ۾ ھاءِ پريشر سسٽم ٺھڻ سبب صوبي جا ڪيترائي ضلعا شديد ھيٽ ويو جي لپيٽ ۾ اچي سگھن ٿا.
موسميات کاتي مطابق 25 کان 31 مئي دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رھڻ جو امڪان آھي، جڏھن تہ ڪيترن ئي شھرن ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي سگھي ٿو.
رپورٽ مطابق سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي.
اھڙي طرح شھيد بينظير آباد، خيرپور، گھوٽڪي ۽ نوشھرو فيروز ۾ بہ شديد گرمي جي لھر متوقع آھي، جڏھن تہ حيدرآباد، بدين، ٿر پارڪر، عمر ڪوٽ ۽ ميرپور خاص ۾ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رھڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي.
موسميات کاتي ٻڌايو آھي تہ مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو ۽ سانگھڙ ۾ بہ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي سگھي ٿو.
ٻئي طرف ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينھن دوران موسم گرم رھڻ جو امڪان آھي.
موسميات کاتي مطابق اڄ ڪراچي جو وڌ کان وڌ گرمد پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگھي ٿو، جڏھن تہ ھفتي ۽ آچر تي گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رھڻ جي توقع آھي.
ھيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي مومسيات کاتي شھرين، خاص طور تي ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ بيمار ماڻھن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، زميندارن ۽ آبادگارن کي بہ فصلن ۽ چوپائي مال جي خصوصي سارسنڀال ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي.