سنڌ ۾ بچت واري پاليسي لاڳو، دڪان ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌحڪومت بچت واري پاليسي لاڳو ڪندي دڪانن ۽ شاپنگ مالز کي رات جلد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔

سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽون، هوٽلز ۽ شادي هالز جا نوان وقت مقرر ڪيا ويا آهن۔

نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي سميت ٻين ڊويزنل هيڊڪوارٽرز کان کانسواءِ سڀني ضلعن ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏھن تہ ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ اهي رات 9 وڳي بند ٿيندا۔

هوٽلز ۽ فوڊ آئوٽليٽس کي شام 7 وڳي کان رات 11:30 تائين کولڻ جي اجازت هوندي، جڏھن تہ هوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي سروس تي ڪا بہ پابندي نہ هوندي۔

نوٽيفڪيشن موجب شادي هالز کي رات 8 وڳي کان 12 وڳي تائين تقريبون ڪرڻ جي اجازت هوندي۔

تنهن هوندي بہ تندور، ملڪ شاپس، بئڪريز، ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريون، ڪلينڪس، اسپتالون ۽ پيٽرول پمپس انهن پابندين کان آجا هوندا۔

نوٽيفڪيشن موجب بچت پاليسي واريون ھدايتون فوري طور لاڳو ھونديون …

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں