سنڌ ھاءِ  ڪورٽ جو ثقافت کاتي جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر روشن علي ڪناسرو کي عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

سنڌ هاءِ ڪورٽ ثقافت کاتي جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر روشن علي ڪناسرو کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت ۾ ثقافت ۽ ناڻي کاتي جي آفيسرن خلاف توھين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ناڻي کاتي جي سيڪريٽري پاران جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ موجب روشن علي ڪناسرو ڪيترن ئي سالن کان ترقياتي منصوبن سان لاڳاپيل رھيو آهي، جڏھن تہ سندس عهدي تي موجودگي سبب سرڪاري رڪارڊ ۾ تبديلي جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي

رپورٽ ۾ اهو بہ ڄاڻايو ويو تہ جاچ دوران درخواستگذار طرفان ڪجهہ اهڙا دستاويز پيش ڪيا ويا جيڪي کاتي وٽ موجود نہ هئا.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ کاتي طرفان ادائگين بابت مڪمل رڪارڊ پڻ عدالت آڏو پيش نہ ڪيو ويو، جنهن بعد انتظاميا کي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر کي عهدي تان هٽائڻ ۽ رڪارڊ جي محفوظ منتقلي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

عدالت حڪم نامي جون ڪاپيون چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ڏانهن موڪلڻ جي به هدايت ڪئي آهي

عدالت وڌيڪ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ٺيڪيدار ڪمپني طرفان ادائيگين لاءِ 2019 ۾ عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں