سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن سبب 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي ٿي پيا

فہرستِ مضامین

ڪشمور ۽ پني عاقل ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت، جڏھن تہ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن۔

ڪشمور ۾ مراد واھ پل ويجهو ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ سيپڪو ملازم برڪت حسين جعفري موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔

ٻئي طرف پنوعاقل ۾ وي آءِ پي گيٽ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب محمد شريف انڍڙ فوت ٿي ويو، سندس پٽ وقاص ۽ آڪاش زخمي ٿي پيا۔

زخمين ۽ فوتين جا مڙھ اسپتال پھچايا ويا آھن، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں