ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي کانپوءِ ٻين ڊويزنل شھرن ۾ بہ سيف سٽي منصوبو شروع ڪرڻ واري تجويز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آھي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبي جَي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير چيو تہ منصوبي سان شھر جي سڪيورٽي، نگراني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيتن ۾ واڌ ٿيندي.
اجلاس ۾ ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ سيف سٽي منصوبو عوام جي سلامتي ۽ ڏوھن کي روڪڻ لاءِ اھم آھي، جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ڏوھن جي روڪٿام يقيني بڻائي ويندي.
اجلاس ۾ چيو ويو تہ حڪومت سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد ۾ سيف سٽي منصوبو شروع ڪرڻ تي غور ڪري رھي آھي….