ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا فضيلھ قاضي چيو آهي ته سس جي روين کي صرف منفي انداز ۾ ڏسڻ بدران انهن جي پويان موجود نفسياتي ۽ جسماني سببن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
تازو هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي فضيله قاضي سس ۽ ماءُ جي روين ۾ ايندڙ تبديلين تي تفصيلي روشني وڌي.
هن چيو ته عام طور تي ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته پٽن جي شادي کانپوءِ سس جو رويو تبديل ٿي ويندو آهي، پر ڪو به اهو نٿو سوچي ته ان تبديلي جا اصل سبب ڪهڙا آهن:
اداڪارا موجب، جڏهن گهڻيون عورتون سس بڻجن ٿيون ته اهي زندگي جي اهڙي مرحلي ۾ هونديون آهن جنهن کي “پري مينيوپاز” چيو ويندو آهي.
هن مرحلي دوران هارمونل تبديليون عورتن جي جذبات ۽ روين تي گهرو اثر ڇڏينديون آهن.
فضيله قاضي چيو: “هن عمر ۾ عورتون وڌيڪ جذباتي ٿي وڃن ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن واضح سبب جي روئڻ به شروع ڪن ٿيون ۽ ماضي ۾ ان بابت آگاهي گهٽ هجڻ ڪري اهي پاڻ به ان کي سمجهي نه سگهنديون هيون.
هن وڌيڪ چيو ته، جڏهن اهي عورتون سس بڻجن ٿيون ته انهن تبديلين کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پوي ٿو ڪڏهن ڪڏهن هو خود ترسي (Self-pity) جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.
هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو جڏهن هو پاڻ کي گهر ۾ رڳو ڪم ڪندڙ مددگار سمجهڻ لڳن ٿيون.
فضيله قاضي زور ڏيندي چيو ته سماج کي گهرجي ته، عورتن جي جذباتي ۽ جسماني حالتن کي سمجهي، سس جي روين کي صرف تنقيد جو نشانو نه بڻائي خاندان اندر همدردي ۽ سمجهه پيدا ڪئي وڃي.
فضيله قاضي جو بيان خانداني لاڳاپن جي هڪ اهم سماجي مسئلي کي اجاگر ڪري ٿو. هن واضح ڪيو ته سس جي روين ۾ تبديلي صرف روين جو مسئلو ناهي، پر ان جي پويان عمر، هارمونز ۽ نفسياتي حالتون به وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون، جن کي سمجهڻ سان گهريلو تڪرارن کي گهٽائي سگهجي ٿو.