رونا ليليٰ سرحدن کان مٿانهون آواز

فہرستِ مضامین

ڍاڪا : (انٽرٽينمينٽ نيوز)

مشهور گلوڪاره رونا ليلا بابت جيڪي افواهون يا بي بنياد ڳالهيون گردش ۾ آهن، انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي۔ رونا ليلا مڪمل طور تي خيريت سان، صحتمند ۽ پنهنجي معمول جي زندگي گذاري رهي آهي.

اهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سندس نالي سان ڳنڍيل ڪجهه ڪهاڻيون خاص ڪري ذاتي يا خانداني نوعيت جون گهڻو ڪري غير تصديق ٿيل ۽ وڌايل بيان آهن.

خاص طور تي مخدوم امين فهيم جي خاندان سان سندس تعلق بابت اهو ئي چيو وڃي ٿو ته اهو سماجي ۽ ثقافتي نوعيت جو تعلق هو، نه ڪي ڪو ثابت ٿيل رومانوي يا ازدواجي رشتو۔ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ اهڙا سماجي لاڳاپا عام ڳالهه هئا، جن کي وقت سان گڏ افواهن جو رنگ ڏنو ويو.

 سنڌ سان رشتو، محبت، موسيقي ۽ سڃاڻپ:

رونا ليلا کي رونا ليلا بڻائڻ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ جو وڏو ڪردار رهيو. مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري هن جي آواز کي نه رڳو نوايو، پر کيس سنڌ جي دلين ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

جڏهن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان سندس سنڌي گيت نشر ٿيندا هئا، تڏهن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڄڻ سناٽو ڇانئجي ويندو هو، ماڻهو ريڊيو جا آواز وڌائي ڇڏيندا هئا، ۽ عورتون سندس آواز ۾ پنهنجا احساس ڳولينديون هيون. هوءَ ڀلي بنگالي هئي، پر سنڌي ٻوليءَ تي سندس عبور اهڙو هو، ڄڻ هوءَ هن ڌرتيءَ جي ئي ڌيءَ هجي.

 ڄم ۽ خانداني پسمنظر:

ڄم جي تاريخ: 17 نومبر 1952 تي هوءَ اوڀر پاڪستان هاڻوڪو بنگلاديش جي شهر سلهٽ ۾ پيدا ٿي، سندس والد سيد محمد امتيار سرڪاري آفيسر هو.رونا ليليٰ جي والده امينه ليلا جو موسيقي سان واسطو هو، هن  پنهنجي ڌيءُ جي صلاحيتن کي سڃاتو .رونا ليليٰ جي ڀيڻ  دينا ليلا  جيڪا پڻ فنِ موسيقي سان جڙيل رهي، هي اهڙو گهر هو جتي فن، ادب ۽ سر جو قدر ڪيو ويندو هو ۽ اهو ئي ماحول رونا ليلا جي فني اڏام جو بنياد بڻيو.

تعليم ۽ موسيقي جي تربيت:

رونا ليلا جي رسمي تعليم سان گڏ سندس اصل ڌيان موسيقي تي رهيو. هن هندستاني ڪلاسيڪل موسيقي جي باقاعده تربيت ورتي، استاد حبيب الله خان  سميت ٻين استادن وٽ سکيا حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڳائڻ شروع ڪيو.

پاڪستان ۾ عروج:

1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ رونا ليلا پاڪستان ۾ موسيقي جي دنيا جو روشن نالو بڻجي وئي۔ريڊيو پاڪستان  تان سندس آواز هر هنڌ ٻڌڻ ۾ ايندو هو، خاص ڪري سنڌ ۾ سندس مقبوليت بي مثال هئي.

 مشهور سنڌي گيت:

“توکي وساري نه سگهنديس”

“مونکي تنهنجي ياد ستائي”

“دلبر منهنجا دلبر”

انهن گيتن ۾ صوفي رنگ، لوڪ سر ۽ انساني جذبن جي اهڙي آميزش هئي، جيڪا ٻڌندڙن کي سڌو دل تائين ڇهي ويندي هئي.

 بنگلاديش کان پوءِ به سفر جاري:

1971ع جي بنگال جي ورهاڱي کان پوءِ هوءَ بنگلاديش هلي وئي، پر سندس شهرت جي سرحد ختم نه ٿي. هن اردو، سنڌي، بنگالي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳائي عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ قائم رکي.

 ذاتي زندگي:

رونا ليلا جون ڪيتريون شاديون ٿيون، سندس موجوده مڙس سعيد بُلبل بنگلاديشي فنڪار آهي. اولاد ۾ سندس  هڪ ڌي آهي جنهن جو نالو تانيا آهي.

 اعزاز ۽ مقام:

بنگلاديش ۾ اعليٰ قومي اعزازن سان نوازيو ويو. پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اڄ به عزت ۽ محبت سان ياد ڪئي وڃي ٿي.رونا ليليٰ جو

ڏکڻ ايشيا جي وڏين گلوڪارائن ۾ شمار ٿئي ٿو.

رونا ليلا رڳو هڪ گلوڪاره نه، پر هڪ احساس جو نالو آهي. هن جو آواز ڌرتين، ٻولين ۽ سرحدن کان مٿانهون ٿي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي چڪو آهي.

هوءَ ڀلي بنگلاديش سان واسطو رکي ٿي، پر سنڌ جي ثقافت ۽ موسيقي ۾ سندس حيثيت هڪ هميشه لاءِ جيئري ياد جهڙي آهي ۽ اهو آواز، جيڪو ڪڏهن ريڊيو خيرپور تان گونجندو هو، اڄ به وقت جي هوائن ۾ زنده محسوس ٿئي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں