خيرپور ۾ پوليس جو ڊرون حملو، ٻھ ڄڻا مارجي ويا، 3 آفيسر معطل

فہرستِ مضامین

خيرپور ۾ پوليس جي ڊرون حملي ۾ مبينھ طور تي ٻھ ڄڻا مارجي ويا متاثرن جي احتجاج کانپوءِ 3 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري سندن خلاف تحقيقات جو حڪم ڏنو ويو آھي.

خيرپور ضلعي جي حدن ۾ سکر پوليس جي ڪارروائي دوران مبينھ طور تي ٻھ شھري مارجي ويا جنھن تي ھاڻ پوليس ۽ دھشتگردي جي انت واري کاتي ڌار ڌار تحقيقات شروع ڪئي آھي.

آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪنڌرا سميت ٽن ٿاڻن جي ٽن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آھي جڏھن تھ ڪنڌر ٿاڻي جي ايس ايڇ او شوڪت آرائين کي گرفتار بھ ڪيو ويو آھي.

ھوڏانھن سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ان واقعي تي ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪئي آھي ۽ چيو آھي تھ جيڪڏھن تحقيقات دوران ڪنھن بھ فرد يا اھلڪار جي ذميواري ثابت ٿي تھ ان خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

ايس ايس پي خيرپور سعود مگسي جو چوڻ آھي تھ سکر پوليس جي ٽيم ڪنڌرا جي ايس ايڇ او شوڪت آرائين جي سربراھي ۾ ھڪ گھربل جوابدار جي تلاش ۾ سرچ آپريشن دوران علائقي جو گھيراءُ ڪيو ھو.

ايس ايس پي جو چوڻ آھي تھ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنھن کان پوءِ پوليس طرفان ڊرون استعمال ڪيو ويو جنھن ۾ ٻھ ڄڻا مارجي ويا.

مارجي ويلن جي سڃاڻپ 21 ورھين جي زمين ولد شھباز دينو ۽ 27 سالن جي صدر الدين ولد نظام الدين جي نالن سان ٿي آھي، زخمين ۾ 27 سالن جو ولي شاھھ ولد اسد شاھھ ڌاريجو ۽ عبدالصمد ولد محمد نواز ڌاريجو شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں